ڪنڊيارو ۾ برسات متاثرن کي امداد نه ملي، جسقم ۽ ايس ٽي پي جو ڌرڻو

ڪنڊيارو  ( رپورٽ: محمد سومر گهانگهرو  ) ڪنڊيارو ۾ برسات ۽ ٻوڏ متاثرين پاران امدادي سامان  نه ملڻ خلاف جسقم ۽ ايس ٽي پي اڳواڻن سان گڏ اسٽار چوڪ ۽ مختيار ڪار رهائش ٻاهران جدا جدا احتجاجي مظاهرا ۽  علامتي بک هڙتال ڪري  اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ مختيارڪار خلاف نعري بازي ڪئي، جسقم اڳواڻ هارون ڪلھوڙو، سلطان گهانگهرو،ايس ٽي پي اڳواڻ ذوالفقار ملاح،متاثرين  لطيفان خاتون ڏيپر ۽ نويد ظفر سولنگي سميت  ٻين جو چوڻ هو ته اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ مختيارڪار منصفاڻي ورڇ بجائي امدادي سامان سياسي ڪامورن ۽ انهن جي واٺن کي ڏئي متاثرين جو حق ڦٻائي رهيا آهن،انهن وٽان امدادي سامان وڪرو ٿي رهيو آھي،متاثرين کي هن وقت تائين ڪجهه به ناهي ملي سگهيو، چيف جسٽس، وڏو وزير، ڪمشنر شهيد بينظير آباد ۽ ڊي سي نوٽيس امداد اصل متاثرن کي ڏياري.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.