محرابپور لڳ مختلف ڳوٺن ۾ برسات بعد پاڻي بيهي ويو

محرابپور (ن ع آ ) محرابپور ڀرسان يوسي ڏيپارجا جا قديمي ڳوٺ عاقل گهانگهرو، فضل گهانگهرو، لال بخش گهانگهرو، پير پاڙو ۽ ڳوٺ  بخشل بڙدي تازين طوفاني برساتن ڏيپارجا سائوٿ سم نالي ۽ انتظامي نااهلي سبب درياءَ  جو ڏيک ڏئي رهيا آھن، ڳوٺن ۾ سوين گهر ڊھي پٽ ٿي ويا زمينون فصل گهر قيمتي سامان روڊ رستا پورو علائقو پاڻي جي لپيٽ ۾ اچڻ سبب ڳوٺن جا شھرن سان زميني رابطا پڻ ختم ويا آھن، جڏهن ڳوٺاڻا صرف پنهنجو ۽ چوپائي مال جون جانيون بچائي معصوم ٻارڙن سميت محفوظ ھنڌن ڏانهن لڏپلاڻ ڪري ورتي ۽ ڪوٻري شاخ ڪناري تي پناھ وٺي کلي آسمان ھيٺ بي يارو مددگار بکون ڪاٽڻ ۽ مختلف بيمارين سان منهن ڏئي رهيا آھن، ڳوٺاڻن دانهيندي چيو ته سرڪار انتظاميه توڙي چونڊيل نمائندن متاثرين کي راشن ميڊيڪل رليف ته ٺھيو ڪابه پرگهور ناهي لڌي،  معصوم ٻارڙا چوپايو مال بکن ۽ بيمارين سبب تڙپي رهيا آھن، جن جون زندگيون خطري ۾ اچي ويون آھن وفاقي. صوبائي سرڪار چونڊيل نمائندن ۽ سرندي وارا ٽينٽ سٽي قائم ڪري سهولتون فراهم ڪن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.