خيرپور عدالت پاران پاڻي نيڪال نه ٿيڻ تي عملدار اڄ طلب

خيرپور (س ر)سنڌ ايجوڪيشنل فورم خيرپور جي عهديدارن ظهير احمد لاڙڪ ۽ ٻين پاران خيرپور جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ ايندڙ سڀني محلن ۽ ڪالونين مان برساتي پاڻي نيڪال نہ ڪرڻ، ڊرينج جو بهتر نظام نه هجڻ، نالين جي صحيح نموني سان کاٽي نہ ٿيڻ ۽ مڇر مار ڦوهارو نه ڪرڻ خلاف داخل ڪرايل درخواست جي ٻڌڻي ڪنزيومر ڪورٽ/جوڊيشل مئجسٽريٽ خيرپور جي عدالت ۾ ٿي،جنهن ۾ سنڌ ايجوڪيشنل فورم خيرپور جي ليگل ٽيم جي عهديدار ايڊووڪيٽ محمد طارق مهيسر ڪورٽ سڳوري کي ٻڌايو ته هن ڪيس ۾ ڇڪايل سرڪاري ادارا ڪم ڪرڻ کان قاسر آهن ۽ انهن هن مهل تائين ڪوبه عملي ڪم نه ڪيو آهي، جنهن تي عدالت سڳوري ايڊووڪيٽ محمد طارق مهيسر جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ لاڳاپيل ادارن تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي، سڀاڻي (اڄ) چيف ميونسپل آفيسر، ايس ڊي او پبلڪ هيلٿ ۽ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر کي ان پرسن پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.