گهوٽڪي ۾ سني تحريڪ پاران برسات متاثرن ۾ راشن ورهايو ويو

گهوٽڪي (ڊ ر)سُني تحريڪ جي سربراهه بلال سليم قادري چيئرمين AKC ۽ مرڪزي اڳواڻ سني تحريڪ حافظ محبوب علي سھتو  پاران گهوٽڪي ضلعي جي ٻوڏ ۽ برساتن سبب متاثر خاندانن جي مدد لاءِ خشڪ راشن، ڪپڙا ۽ ٻيو امدادي سامان موڪليو ويو. جيڪو ڊويزنل اڳواڻ ايڊووڪيٽ رائو محمد نويد راجپوت جي نگراني ۾ مستحق ماڻهن ۾ ورهايو ويو. ان موقعي تي ڊويزنل اڳواڻ ايڊووڪيٽ رائو محمد نويد راجپوت چيو ته اسان هن ڏکئي وقت ۾ پنهنجي سنڌ جي عوام سان گڏ آهيون. گهوٽڪي ۾ اڄ ٻوڏ ۽ برساتن سبب متاثر ٿيل 70 کان وڌيڪ ماڻهن ۾ امدادي سامان ورهايو ويو آهي امداد جو اهو سلسلو وقفي وقفي سان جاري رهندو هن چيو ته مان سني تحريڪ جي قيادت جو شڪر گذار آهيان، جن جي سهڪار سان مستحق ماڻهن تائين امداد پهچائڻ ممڪن ٿيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.