ڦل شهر ۾ برسات بعد ڪيترائي گهر ڊهي پيا، چونڊيل نمائندا گم

ڦل ( ن ع آ ) ڦل شھر جي ڳوٺ بادل خاصخيلي ۾ برساتن سبب 30 گھرن تي مشتمل ڳوٺ مڪمل تباھ ٿي ويو ھڪ سر به ثابت ناھي، ان موقعي  تي علي گل، انور، سڃڻ خاصخيلي، عزيز الله خادم حسين،حبيب الله ،غلام نبي، امام علي، غلام حسين، عثمان خبڙ، عزير وزير، قادر بخش نور نبي خاصخيلي، ممتاز علي، محمد خاصخيلي  ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته اسان جا گھر ڊھي پٽ ٿي ويا آهن ھن مھل تائين اسان جي مدد ناهي ٿي، اسان جي تڪ جا چونڊيل نمائندا گھري ننڊ ۾ ستل آهن، پر گھور نه لڌي آهي، وڏو وزير ۽ ٻيون اختياريون نوٽيس وٺن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.