سنڌ ۾ٻوڏ جي ذميوار سنڌ حڪومت آهي: زين شاهه

ڄامشورو( ڊ ر ) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو  ڪاميٽي جو اجلاس ، پارٽي صدر سيد زين شاھہ جي صدارت ھيٺ ٿي گذريو.  اجلاس ۾ سنڌ ۾ برسات ۽ ٻوڏ جي تباھي جو ذميوار سنڌ حڪومت کي قرار ڏنو ويو. ان سان گڏ وفاقي حڪومت ۾ پيپلزپارٽي سرڪار پڻ ان جي پارٽنر آھي، جيڪا سنڌ جي تباھي جي ذميوار پڻ آھي. موجودہ حالتون انتھائي سنگين آھن. ھڪ ڪروڙ 45 لک ماڻھو ٻوڏ سبب متاثر ٿيا آھن. لکين ماڻھن جا گھر ۽ ڳوٺن جا ڳوٺ تباھہ آھن. لکين جانور مري ويا آھن. پر سنڌ حڪومت وٽ ڪو به ريسڪيو رليف ۽ تعمير نو جو ڪو پلان موجود نہ آھي. سوين معصوم ٻار ۽ بزرگ گيسٽرو ۽ ٻين بيمارين سبب موت جو شڪار ٿيا آھن. ھزارين ماڻھو روڊن تي کليل آسمان ھيٺ بي يارو مدد گار بڻيل آھن. جن کي 2 ويلا ماني بہ سنڌ حڪومت نٿي پھچائي سگھي. مجموعي طور 1450 ارب روپين جو سنڌ جو معاشي نقصان ٿيو آھي. لکين ايڪڙ زمين ۽ زراعت تباھہ ٿي چڪي آھي. پر ان جي باوجود بہ سنڌ حڪومت توڙي وفاقي حڪومت سنڌ جي عوام جي سار لھڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آھي. ڀان سيدآباد، جوھي، ميھڙ، نصيرآباد، گاجي کھاوڙ جي عوام کي جس ھجي، جن پنھنجي ھمت تحت پنھنجن شھرن ۽ لکين ماڻھن کي لڏپلاڻ کان بچائي ورتو. سنڌ حڪومت اخلاقي طور تي حڪمراني جو حق وڃائي چڪي آھي. اجلاس ۾ روشن علي ٻرڙو، جڳديش آهوجا، آغا قمر مشواڻي، امير آزاد پنهور، امير علي ٿيٻو، خواجه نويد امين، مختيار احمد ميمڻ، سيد منير حيدر شاهه، روشن ڪلهوڙو، ايڊووڪيٽ مير احمد منڱريو، ايڊووڪيٽ سيد اسد الله شاهه،  آسيس لغاري ۽ ڊويزنل صدرن شرڪت ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.