روهڙي ۾ برسات متاثرن جي واهر نه ٿي، جتوئي برادري جو سکر ۾ احتجاج

سکر ( رپورٽر ) روھڙي جي رھواسي جتوئي برادري پاران واھر نھ ٿيڻ خلاف  سکر پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو، کڏھڙي جي رھواسين آدم  جتوئي، محمد رمضان ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو آھي تھ ٻوڏ ۽ برساتن سبب تمام گھڻو نقصان ٿيو آھي. اسان جا فصل تباھھ ٿي ويا ۽ چوپايو مال مري ويو آهي، ھنن دانھيندي چيو تھ روھڙي تعلقي جو روينيو عملو ۽ مختيارڪار اسان کي گھرن مان سامان ڪڍڻ لاءِ ٻيڙي نٿو ڏئي ۽ اسان جي واھر ڪرڻ بدران حراسان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي. متاثرن چيو تھ اسان کي فوري طور تي واھر ڪري پريشاني کان بچايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.