ٽنڊو الهيار مان پاڻي نيڪال نه ٿيو، عوام عذاب ۾ ورتل، احتجاج

ٽنڊوالهيار (ڊ ر ) ٽنڊوالهيار ۾يوسي سلطان آباد جي رهواسين  برساتي پاڻي نيڪال نه ڪري ڏيڻ خلاف ميرپورخاص حيدرآباد روڊ تي روڊ بند ڪري  ڌرڻو هنيو ويو. ڌرڻي سبب ايندڙ ويندڙ گاڏين جون قطارون لڳي ويون. ان موقعي تي مظاهرين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي نااهل ضلعي انتظاميه ۽ چونڊيل نمائيندن پاران ڪوبه ڌيان نه ڏيڻ سبب سلطان آباد جا رهواسي روڊن تي زندگي گذارڻ تي مجبور آهن پر ڪير پڇڻ وارو نه آهي. هنن چيو ته ڊي سي ٽنڊوالهيار ۽ تڪ جو ايم پي اي اسان جي فون کڻڻ لاء تيار نه آهن سلطان آباد جا رهواسي جيڪي پاڻي ۾ ٻڏل آهن انهن جا گهر ڊهي ويا فصل تباه ٿي ويا گهرن ۾ ڪيترائي فٽ پاڻي بيهڻ ڪري روڊن تي بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن. هنن وڌيڪ چيو ته برسات کي ڪيترا ڏينهن گذرڻ باوجود يوسي سلطان آباد جي رهواسين کي نه ٽينٽ ڏنا ويا آهن ۽ نه ئي راشن ڏنو ويو آهي سمورا متاثر بي يارومددگار ويٺل آهن. هنن اعلي اختيارين کان گهر ڪئي ته يوسي سلطان مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرائي متاثرن کي رليف ڏئي انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.