ڪنري جا اسڪول پاڻي هيٺ،کليل آسمان هيٺ پڙهائي عمل

ڪنري (ت ر) ڪنري ڀرسان ٽوڀان شاخ پرائمري اسڪول مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيو. شاگرد ٻاھر پٽ تي ويھي تعليم پرائڻ  لڳا آھن. ٽوڀان شاخ جي گورنمينٽ پرائمري اسڪول داد خاصخيلي ۾ مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگھيو آھي. جنھن سبب اسڪول جي اندر ۽ ٻاھر پاڻي ھجڻ سبب 200 کان مٿي معصوم شاگرد اسڪول کان ٻاھر سخت گرمي ۾ کُليل آسمان ھيٺ وٽ تي ويھي تعليم حاصل ڪرڻ لڳا آھن. سخت گرمي ۽ ويھڻ جي جڳھ نه ھجڻ سبب ٻارن کي تعليم به متاثر ٿيڻ لڳي آھي. استادن ۽ شاگردن پاران نوٽيس وٺي اسڪول مان پاڻي نيڪال ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آھي.

  • ڊگهڙي ۾ واهر نه ٿيڻ خلاف متاثرن جو اي سي آفيس آڏو ڌرڻو

ڊگھڙي (ن ع آ) ڊگهڙي شھر جي وارڊ هڪ ۽ 2 جي رهواسي برسات متاثرن واهر  نه ٿيڻ ۽ انتظاميا جي ٻٽي معيار خلاف امجد خاصخيلي،منور خاصخيلي،نديم خاصخيلي ۽ قاسم قمبراڻي جي  اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري اسسٽنٽ ڪمشنر آفيس جي مين گيٽ تي ڌرڻو هڻي تعلقي انتظاميه خلاف سخت نعربيازي ڪئي. هنن جو چوڻ هو ته سرفراز واھ ۾ چاڙھ سبب جيلاني پاڙي جي سوين گهرن ۾ پاڻي داخل ٿي ويو، هڪ مهينو گذرڻ باوجود اڃا تائين پاڻي نيڪال ناهي ٿي سگهيو ۽ نه ئي تعلقي انتظاميا پاڻي جي نيڪال ۽ پيئڻ جي صاف پاڻي جو بندوبست ڪيو آهي.هنن چيو ته انتظاميا راشن، ٽينٽ، کٽون ۽ ٻيو ضروري سامان متاثرن کي ڏيڻ بدران سرندي وارن کي ڏئي ڇڏيو.هنن وڏي وزير، ڪمشنر ميرپورخاص ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته ڊگهڙي تعلقي انتظاميا خلاف قانوني ڪارروائي ڪري حقيقي  متاثرن کي رليف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.