برسات بعد فصل ختم ٿي ويا، معيشت تباهه ٿي وئي: اي جي انصاري

جيڪب آباد ( ڊر  ) جمعيت علماءِ اسلام ضلعي جيڪب آباد جي امير ڊاڪٽر اي جي انصاري چيو آهي ته برساتي ٻوڏ جي سبب فصلن سان گڏوگڏ پوري معيشت تباھ ٿي وئي آهي، موجوده موسم جا فصل ساريون، کارڪون،  ڪيلا، تر ۽ ڪمند وغيرہ مڪمل طور تي تباھ ٿي ويا آھن، انھن چيو آهي ته شاخن، بندن ۽ روڊن جي ڪنارن تي متاثرين بک، مڇرن ۽ بيمارين جي ڪري بدحالي جا شڪار آهن. متاثرين کي کاڌو، جگھه ۽ برستي پاڻي جي نيڪال جي سخت ضرورت آهي، شھرن ۽ ڳوٺن جي بدامني جي وارداتن وڌيڪ خوف پيدا ڪيو آهي. خوراڪ ۽ صاف پاڻيءَ نه ملڻ جي ڪري متاثرين تڙپي رھيا آھن. مواصلات ۽ رستن جو نظام تباھ ٿيڻ سبب ھر شي مھانگي ٿي وئي آهي، جيڪڏھن بحالي لاءِ تحرڪ نه ورتا ويا ته انساني آباديءَ مشڪلاتن۾ پئجي ويندي. ان لاءِ برساتي پاڻي جي نيڪال، بيمارين کي ڪنٽرول ڪرڻ، مليريا اسپري ڪرائڻ، صاف پاڻي جي فراهمي، کاڌ خوراڪ ۽ مزيد متاثرن جي بحالي لاءِ ڪم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.