ميهڙ ۾ ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿيڻ خلاف ريلي، انڊس هاٰءِ وي تي ڌرڻو

ميھڙ ( س ر ) ميھڙ ۾ سنڌ يونائٽيڊ پارٽي پاران ٻوڏ متاثرين جي واھر نہ ٿيڻ ۽ راشن نہ ملڻ ، راشن ۾ گھوٻين خلاف ميھڙ باء پاس کان  گھنٽاگھر چوڪ تائين سڪندر سوڍر ، حاجي خان مارفاڻي ، حبيب حضوري ۽ ٻين جي اڳواڻي ريلي ڪڍي گھنٽاگھر چوڪ وٽ احتجاجي ڌرڻو ھنيو ويو ان موقعي تي مظاھرين مختيارڪار ميھڙ برڪت بڙدي ، تپيدار نديم سومرو خلاف زوردار نعريبازي ڪئي ان موقعي تي ھنن چيو تہ ميھڙ جا سون ڳوٺ ٻڏي ويا اھن پر متاثرين جي واھر ناھي ٿي سگھي مختيارڪار ميھڙ ۽ تپيدار نديم مھيسر ٻوڏ متاثرين لاء آيل راش وڪرو ڪري رھيا آھن صرف من پسند ماڻھن کي راشن ڏنو پيو وڃي ،راشن ماڻھن کي ڏيڻ بجا۽ ڪارخانن ۾ بند ڪيو ويو آھي ھنن چيو تہ ميھڙ ۾ متاثرين لاء آيل راشن من پسند ماڻھن کي ڏيڻ بجاء حقيقي متاثرين کي ڏنو وڃي ھنن گھر ڪئي تہ سيشن جج ميھڙ ۾ ٻوڏ متاثرين لاء راشن وڪرو ۽ من پسند ماڻھن کي نہ ڏيڻ واري مامري جي جانچ ڪري متاثرين جي واھر ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.