ڪنڌڪوٽ ۾ واهر نه ٿيڻ ۽ پاڻي نيڪال نه ڪرڻ خلاف ڊي سي آفيس آڏو ڌرڻو

ڪنڌڪوٽ (ن ع آ)ڪنڌڪوٽ ۾ ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿيڻ ۽ پاڻي نيڪال نه ڪرڻ خلاف قوم پرست تنظيمن جي ڪارڪنن  احتجاجي مظاهرو ڪري ڊي سي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي والي ڏنو سنڌي، شاھنواز مرھيٽو، حفيظ مگسي، قمرکوسو، بشام باجڪاڻي ۽ ٻين چيو ته ڳوٺ الاھي بخش، نئون ڳوٺ، چاڪرآباد، مريد خان کوسو، سليم خان، ڪجلي، گلشن سبزوئي، احمد علي کوسو، پھلوان ڳوٺ، ڪنڌڪوٽ جي وارڊ 15 ۽ چنا پٽي پاڙن سميت ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ھن مھل تائين انتظاميا طرفان ڪير به مدد لاءِ نه پھتو آھي، متاثر بي يار و مددگار کليل آسمان ھيٺ ويٺل آھن. ھنن چيو ته صرف آسرا ۽ دلاسا ڏنا پيا وڃن، برساتن ۾ گھر ڊهي ويا، فصل تباهه ٿي ويا، ھاڻي ته بيمارين منھن ڪڍيو آهي، ماڻهن ۾ ايتري طاقت نه آھي جو علاج ڪرائي سگھن،ٻوڏ متاثر بکن ۾ پاھ ٿي ويا آھن،رليف ڪئمپن ۾کاڌ خوراڪ ۽ دوائن جي سخت کوٽ آھي. ھنن وس وارن کان واھر ۽ مدد جي اپيل ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.