لاڙڪاڻي ۾ اسپتال ۾ داخل مريض علاج دوران فوت

لاڙڪاڻو( ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر ۾ چانڊڪا اسپتال جي  حادثن واري شعبي ۾ علاج لاءِ داخل 73 سالن جو پيرسن علاج دوران فوت ٿي ويو بعد ۾ اسپتال انتظاميه حد جي سول لائين ٿاڻي جي پوليس کي اهڙو اطلاع ڏنو پوليس پهچي لاش کڻائي ايڌهي رضاڪارن حوالي ڪري ڇڏيو. ان حوالي سان سول لائين ٿاڻي جي پوليس ٻڌايو ته پيرسن جي سڃاڻپ نه ٿيڻ تي لاش ايدهي رضاڪارن حوالي ڪيو ويو آهي. هوڏانهن ايڌهي رضاڪارن طرفان 24 ڪلاڪن تائين لاش سرد خاني ۾ رکي وارثن جي ڳولا ڪئي وئي جتي وارثن جو ڏس پتو نه پوڻ ۽ سڃاڻپ نه ٿيڻ تي لاش کي غسل ۽ ڪفن ڏئي شهر ڀرسان دودائي قبرستان ۾ دفنائي ڇڏيو آھي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.