خيرپور ۾کارڪن ۽ ڇوهارن جي گدام کي باھ، لکين رپين جا ڇوهارا سڙي ويا

خيرپور ( ڊ ر) خيرپور ۾ کارڪن ۽ ڇوهارن جي گدام کي بجلي جي شارٽ سرڪٽ مان باھ لڳي وئي، گدام ۾ پيل ڇوهارا، کارڪون، فرنيچر ۽ ٻيو سامان سڙي رک اناج کجور منڊي ۾ چيمبرس آف ڪامرس خيرپور جي صدر چوڌهري بشير احمد آرائين جي کارڪن جي گدام ۽ چيمبر آف ڪامرس جي آفيس کي بجلي جي شارٽ سرڪٽ مان اوچتو باھ لڳي وئي جنهن جي نتيجي ۾ گدام ۾ رکيل کارڪون، ڇوهارا هال ۾ رکيل فرنيچر، ڪاغذي رڪاڊ سميت سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو ان سلسلي ۾ چوڌري بشير احمد آرائين ٻڌايو ته بجلي جي شارٽ سرڪٽ مان اوچتو گدام کي باهه لڳي وئي جنهن سبب رکيل لکين رپين جون کارڪون، ڇوهارا، فرنيچر ۽ ٻيو سامان سڙي ويو آهي ۽ باھ سبب ڪروڙين روپين جو نقصان ٿيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.