غوث پور ۾ هوٽلن ۽ دڪانن تي چڙهائي، 15 ڄڻا گرفتار

غوث پور (ن ع آ) غوث پور۾  ايس ايڇ او احمد نواز جکراڻي جي حڪم کان پوءِ وڏي منشي عبدالله چني جي اڳواڻي ۾ پوليس هوٽلن ۽  دڪانن تي چڙهائي ڪري 15 ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو، جن جو رڪارڊ چيڪ ڪرڻ کان پوءِ آزاد ڪيو ويو. رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او احمد نواز جکراڻي چيو ته شهر ۾ بدامني وڌي وئي آهي، مختلف ڪيسن ۾ گهربل جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا ويا،  هاڻي ڪنهن به ڏوهاري کي بخش نه ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.