راڻيپور لڳ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو هڪ ڀاءٌ مارجي ويو، ٻيو سخت زخمي

راڻيپور(ن ع آ) راڻي پور جي ڳوٺ شاھ شخيرو ويجھو شاھاڻي ۽ پيرزادا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو. جھيڙي جي نتيجي ۾ ڳوليون لڳڻ سبب لياقت علي پيرزادو ۽ سندس ڀاءُ منٺار پيرزادو زخمي ٿي پيا. جن کي  اتي موجود ماڻھو ۽ پاڙي وارن زخمي حالت ۾ کڻائي راڻي پور اسپتال آندو جتان ڳڻتي جوڳي حالت ۾ گمبٽ گمس اسپتال نيو ويو. جتي لياقت زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو.جڏھن ته منٺار جو اسپتال ۾ علاج ھلندڙ آھي. قتل ٿيل جي وارثن ۽ زخمي منٺار جو چوڻ آھي ته بااثر شاھاڻي منھنجي ڀاءُ لياقت کان ڀتو وٺندا ھئا. جيڪو نه ڏيڻ تان ھنن اسان مٿان فائرنگ ڪري ڏني. جنھن جي نتيجي ۾ منھنجو ڀاءُ قتل ٿي ويو ۽ آءُ زخمي ٿي پيس. ھنن چيو ته وس وارا ۽ اعلي اختياريون ان واقعي جو نوٽيس وٺي اسان جي قتل ٿيل ڀاءُ جا قاتل گرفتار ڪري انھن سخت کان سخت سزا ڏئي اسان کي انصاف فراھم ڪيو وڃي. ٻئي پاسي راڻي پور ٿاڻي تي بخش علي پيرزادو جي فرياد تي 6 ڄڻن ڏاڍو عرف امام بخش شاھاڻي، محبوب شاھاڻي، شير خان شاھاڻي، خليل شاھاڻي ۽ ٻن معلوم مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو آھي.جنھن ۾ ھن ڄاڻايو آھي ته مٿين جوابدارن اسان کان ڀتي جا پيسا گھر انڪار ڪرڻ تي ھنن اسان مٿان فائرنگ ڪئي جنھن ۾ لياقت قتل ٿي ويو ۽ منٺار زخمي ٿي پيو. جڏھن ته آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪو به جوابدار گرفتار نه ٿي سگھيو آھي. جڏھن ته قتل ٿيل لياقت پيرزادو جو لاش اسپتال مان ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو. جنھن بعد سندس جو آخري رسمون ادا ڪيون ويون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.