هڪ سازش تحت سنڌ ۾ افغانين کي آباد ڪيو ويو آهي: لال جروار

حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي آرگنائزر لال جروار، مرڪزي اڳواڻ عبدالقادر رانٽو ۽ عبدالرحمنٰ سمون پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته هڪ سازش تحت ڪراچي ۾ لکين افغانين کي غيرقانوني طور رهايو ويو آهي جيڪي افغانين جا جهنڊا سرعام ڦڙڪائي، مقامي ماڻهن کي اغوا ڪري تشدد جو نشان بڻائن ٿا پر قانون لاڳو ڪندڙ ڪو به ادارو افغانين خلاف قانوني ڪاروائي ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي ٻي طرف جڏهن سنڌ جا ڌرتي ڌڻي ٻوڏ متاثر ڪراچي ۾ وڃن ٿا ته مٿن ڪيس داخل ڪيا وڃن ٿا جيڪا انتهائي شرمناڪ ڳالهه آهي. عوامي تحريڪ جي اڳواڻن چيو آهي ته ڪراچي ۾ لکين ٻوڏ متاثر دربدر آهن. سنڌ سرڪار متاثر ماڻهن جي ڪا به واهر نه پئي ڪري ۽ نه ئي ڪراچي ۾ ٽينٽ سٽي قائم ڪئي وئي آهي. عوامي تحريڪ جي اڳواڻن چيو آهي ته وفاقي ۽ سنڌ سرڪار فوري طور تي ڪراچي بدامني ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي ڏنل فيصلي تي عمل ڪري غيرقانوني طور رهندڙ افغانين سميت سمورن ڌارين کي ملڪ نيڪالي ڏئي سندن ملڪن ڏانهن موڪليو وڃي ۽ ڪراچي ۾ ٽينٽ سٽي قائم ڪري، ٻوڏ متاثرن جي واهر ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.