غازي ڳوٺ جي متاثرن جي حقن جي حاصلات لاءِ جدو جهد جاري، سرڪار ڌيان نه ڏنو

گلشن اقبال ( ن ع آ)ڪراچي عبدالله شاھ غازي ڳوٺ اي بلاڪ جا رھواسي متاثر انصاف جا منتظر مسلسل هلندڙ جدوجھد باوجود ھن وقت  تائين بلڊر مافيا پوليس ۽ روينيو عملدارن خلاف ڪاروائي نـ ٿي سگھي آھي غازي ڳوٺ جي رھواسين ۽ سياسي سماجي ماڻھن 58 ڏينھن بـ پنھنجو احتجاج جاري رکندي بلڊر مافيا خلاف سخت نعري بازي ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن ڊاڪٽر الطاف ميمڻ قادر شاھاڻي گلس حسن گوپانگ ارٿر برقي شھنشاھ سيال رمضان بروھي ۽ ٻين چيو تـ عبدالله شاھ غازي ڳوٺ اي بلاڪ تي بلڊر مافيا جي چرچ تي پوليس ۽ اينٽي انڪروجمينٽ سميت بلدر مافيا جي نجي هٿياربندن جي ڪاھ ۽ عورتن مٿان گوليون هلائڻ واري ڪيل دهشتگردي واري عمل خلاف اسان جو پر امن احتجاج مسلسل هلندڙ آهي پر هن وقت تائين غازي ڳوٺ جي متاثر رهواسين سان انصاف نـ ٿي سگهيو آھي جيڪا انتهائي افسوس ناڪ حيرت جھڙي ڳالھ آهي جنھن ۾ ھن وقت تائين ذميوارن جو وار بـ ونگو ناهي ٿيو بلڊر مافيا طرفان اڃا بـ غازي ڳوٺ اي بلاڪ جي رهواسين کي ڳوٺ ڊاهڻ لاء ڌمڪائي رهي آهي پر اسين هر صورتحال کي منهن ڏئي بـ غازي ڳوٺ جو تحفظ ڪنداسين ھنن وڌيڪ چيو تـ وڏي وزير جي حڪم تي غازي ڳوٺ مٿان ٿيندڙ ڪاھ بابت جاچ ڪندڙ گهرو سيڪريٽري کي اپيل آهي تـ شفاف انڪوائري ڪري ذميوارن کي نوڪرين تان برطرف ڪري غازي ڳوٺ کي ليز ڏئي رهواسين مان بي چيني ۽ خوف  واري صورتحال ختم ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.