سنگرار لڳ ڊائريڪٽر ايگريڪلچرل تي حملو، فائرنگ، علائقي ۾ خوف

سکر ( رپورٽ: اختيار علي چنا  ) سکر ضلعي جي مختلف علائقن مان برسات جو پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ ڪمشنر پاران جوڙيل ڪميٽي جي ميمبرن ڊائريڪٽر ايگريڪلچرل رسول بخش جوڻيجو مٿان سنگرار ڀرسان شرپسند جوابدارن حملو ڪري فائرنگ ڪري ڏني، جنھن بعد علائقي ۾ خوف ۽ حراس پکڙجي ويو. ڊائريڪٽر ايگريڪلچرل رسول بخش جوڻيجو موجب ھو سنگرار ويجھو زمينن جو پاڻي سرڪاري ڍنڍ وسيلي نارا ڊرين ۾ ڇوڙ ڪري رھيا ھئا تھ مختلف برادري جي ماڻھن مٿان فائرنگ ڪئي وئي، جنھن جي نتيجي ۾ پاڻي نيڪال وارو عمل متاثر ٿي ويو، ھن ٻڌايو تھ سکر ضلعي جي مختلف علائقن مان اسان ڪوششون وٺي پاڻي نيڪال ڪري رھيا آھيون تھ جيئن ايندڙ ڪڻڪ جي فصل جي پوکائي لاءِ زمينن کي تيار ڪري سگھجي. ھوڏانھن سياسي سماجي ڌرين سکر پوليس کان مطالبو ڪيو تھ حملو ڪندڙ جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.