ڏوڪري ۽ ڀرپاسي ۾ گيسٽرو پکڙجي وئي، نينگر فوت

ڏوڪري ( ن ع آ ) ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ روات کيڙو ۾  گيسٽرو مرض وگهي 8 ورهين جو نينگر نور نبي پٽ الطاف حسين کيڙو فوت ٿي ويو. هوڏانهن فوتي نينگر جي وارثن جو چوڻ هو ته ڳوٺ روات کيڙو سميت مختلف ڳوٺن ۾ گيسٽرو جو مرض پکيڙجي ويو آهي وقت تي علاج نه ٿيڻ سبب 8 ورهين جو نينگر نور نبي کيڙو فوت ٿي ويو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته بنا دير اسان جي ڳوٺن ۾ ميڊيڪل ڪئمپ قائم ڪري ڳوٺاڻن جو علاج ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.