مٽياري ويجھو مسافر ڪوچ ڪلٽي ٿيڻ سبب نينگري فوت، 10 ڄڻا زخمي

مٽياري ويجھو مسافر ڪوچ ڪلٽي ٿيڻ سبب نينگري فوت ۽ 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

ڳوٺ صادق کوسو وٽ گمبٽ کان ڪراچي ويندڙ مسافر ڪوچ ڊرائيور کي ننڊ جو جهوٽو اچڻ سبب ڪلٽي ٿي پئي.

حادثي ۾ 8 ورهين جي عليشا ڪلهوڙو ٿڏي فوت ٿي وئي، جڏهن ته مسمات هدايت، ممتاز، سيما، سرور ۽ شوڪت سميت 10 مسافر زخمي ٿي پيا.

پوليس حادثي واري هنڌ پهچي نينگري جو لاش ۽ زخمين کي اسپتال پهچايو، جتان لاش ضروري ڪارروائي کانپوءِ وارثن حوالي ڪيو ويو.

ٻئي پاسي پوليس ڊرائيور کي گرفتار ڪري ڪوچ پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏي، جڏهن ته حادثي جو اڃا تائين ڪيس داخل نه ٿي سگھيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.