ميرپوربٺورو: ڊمپر جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر لڳڻ سبب نوجوان فوت، ٻيو زخمي

ميرپوربٺوري ويجھو روڊ حادثي ۾ سجاول واسي نوجوان فوت ٿي ويو، جڏهن ته ٻيو زخمي ٿي پيو آهي.

سجاول بٺورو روڊ تي دڙي موري اسٽاپ وٽ تيز رفتار ڊمپر جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر لڳو.

حادثي جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار نوجوان پرديم ڪمار ڊمپر هيٺان اچي ٿڏي تي چيڀاٽجي فوت ٿي ويو، جڏهن ته سندس دوست ياسين کٽي سخت زخمي ٿي پيو.

اطلاع تي امدادي ٽيم حادثي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش ۽ زخمي کي ميرپوربٺورو اسپتال پهچايو، جتان لاش ضروري ڪارروائي کانپوءِ وارثن حوالي ڪيو ويو.

ٻڌايو پيو وڃي ته فوتي نوجوان سجاول شهر جو رهواسي جيڪو پنهنجي دوست سان ميرپوربٺوري کان صوفي شاهه عنايت جي شهيد جي عرس تان واپس اچي رهيو هو ته حادثي پيش آيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.