جروار ۾ نوجوان جو ڦر جي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاج

جروار ۾ نوجوان پاران ڦر جي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاج ڪيو ويو.

ڳوٺ حاصل فقير بوزدار جي رهواسي نوجوان سائين بخش بوزدار جروار پريس ڪلب پهچي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

نوجوان ميڊيا آڏو الزام هڻندي چيو ته چار ڏينهن اڳ شيخ برادري جي هٿياربندن لکين رپيا ڦر ڪيا، جڏهن ته مزاحمت تان تشدد ڪري ٻانهن ڀڳي وئي.

هن چيو ته جوابدار خلاف اين سي به داخل ڪرائي آهي پر پوليس کين گرفتار نه ٿي ڪري جيڪا ساڻس زيادتي آهي، ايس ايس پي گھوٽڪي نوٽيس وٺي انصاف ڪري.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.