ڏهرڪي: قومپرست ڪارڪنن جو صنعتي ادارن ۾ مقامي ماڻهن کي روزگار نه ملڻ خلاف ڌرڻو

ڏهرڪي ۾ قومپرست ڪارڪنن پاران صنعتي ادارن ۾ مقامي ماڻهن کي روزگار نه ڏيڻ خلاف ڌرڻو هنيو ويو.

جيئي سنڌ قومي محاذ جي ڪارڪنن رمضان ڪلوڙ، حيدر شر، مير لاشاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ عوامي هوٽل کان اينگرو ڪمپني تائين ريلي ڪڍي مک گيٽ اڳيان ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته گھوٽڪي ضلعو صنعتي زون آهي، جنهن ۾ مقامي ماڻهن کي روزگار ڏيڻ بدران هزارين ڌاريا ڀرتي ڪيا ويا آهن.

سندن چوڻ هو ته پاڪ عرب، ڪيمون، آل آزان، المهراڻ اليڪٽرانڪ ۽ اينگرو سوڌو ٻين ڪمپنين ۾ سنڌ دشمني ۽ تعصب جي بنياد تي ٻين صوبن مان ماڻهو آڻي ڀرتي ڪيا وڃن، جيڪا مقامي ماڻهن سان زيادتي آهي.

اڳواڻن سنڌ سرڪار ۽ لاڳاپيل کاتي کان مطالبو ڪيو ته گھوٽڪي جي صنعتي ادارن ۾ مقامي ماڻهن کي روزگار ڏنو وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.