مراد علي شاهه ٻوڏ ۾ فوت ٿيندڙن جي وارثن لاءِ معاوضي جو اعلان ڪري ڇڏيو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ٻوڏ سبب فوت ٿيندڙن جي وارثن لاءِ معاوضي جو اعلان ڪري ڇڏيو.

سيد مراد علي شاهه ٺٽي، سجاول، بدين، ٽنڊي محمد خان جو دورو ڪري ٻوڏ متاثر علائقن، رليف ڪئمپن جو جائزو ورتو.

وڏي وزير ٻوڏ متاثرن سان به ملاقات ڪئي، کانئن راشن ۽ امدادي سامان بابت پڇا ڳاڇا ڪئي ۽ انهن جا مسئلا فوري طور تي حل ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون.

ان موقعي تي سيد مراد علي شاهه ٻوڏ سبب فوت ٿيندڙن جي وارثن لاءِ 10-10 لک رپيا معاوضي جو اعلان ڪيو ۽ چيو ته متاثرن جا زرعي ٽيڪس به معاف ڪيا ويندا.

هن چيو ته سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي سطح تيزي سان گهٽجي رهي آهي ۽ ايندڙ ٻن ٽن ڏينهن ۾ پاڻي جي سطح معمول تي اچي ويندي.

سندس چوڻ هو ته متاثرن جون شڪايتون جائز آهن پر ايئن به ناھي ته کين ڪجهه ناهي مليو، سنڌ حڪومت متاثرن جي هر ممڪن مدد ڪندي.

وڏي وزير ٻڌايو ته برساتن ۽ ٻوڏ سبب سنڌ جا 24 ضلعا متاثر ٿيا آهن، پي ڊي ايم اي ۽ سنڌ حڪومت مدد لاءِ قدم کڻي رهي آهي، جڏهن ته ٻيا ملڪ به متاثرن جي مدد ڪري رهيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.