وسيم اختر وزيراعظم کي وڏي ڌمڪي ڏئي ڇڏي

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم اڳواڻ وسيم اختر وزيراعظم کي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن گم ٿيل ڪارڪن آزاد نه ٿيا ته پنهنجي حڪومت پاڻ سنڀاليو.

صحافين سان ڳالهائيندي وسيم اختر چيو ته حڪومت ٺاهڻ لاءِ اسان جي ووٽن جو استعمال ڪيو ويندو آهي، شهباز شريف کي وزيراعظم ان ڪري ٺاهيو هو ته ڪارڪنن جا لاش ملن؟

هن ڌمڪي ڏيندي چيو ته جيڪڏهن گم ٿيل ڪارڪن آزاد نه ٿيا ته پنهنجي حڪومت پاڻ سنڀاليو، ٽن وڏين جماعتن سان معاهدي باوجود لاش ملي رهيا آهن.

واضح رهي ته ٻه ڏينهن اڳ ايم ڪيو ايم جي گم ٿيل ڪارڪنن جا لاش هٿ آيا هئا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.