اسسٽنٽ پروفيسر تي زال پادرن جو وسڪارو لائي ڏنو، وڊيو وائرل

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ يونيورسٽي جي پروفيسر تي سندس زال پادرن جو وسڪارو لائي ڏنو جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي.

ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب اهو واقعو رياست اوڙيسا جي برهم پور يونيورسٽي ۾ پيش آيو.

انيل ڪمار تيريا نالي هي شخص انگلش ڊيپارٽمينٽ ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر آهي جنهن جي زال گذريل ڏينهن ڪيمپس وئي ۽ مڙس جي چيمبر ۾ ئي کيس پادرن سان ڪٽڪو ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيو.

رپورٽ موجب عورت اوچتو پروفيسر صاحب جي چيمبر ۾ داخل ٿي ۽ اندران ڪڙو هڻي مڙس کي ڪٽڪو ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيو.

ان دوران هڪ شاگرد دريءَ مان ڊيو رڪارڊ ڪري ورتي ۽ انٽرنيٽ تي جاري ڪري ڇڏي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.