اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني کي وڏو عدالتي رليف ملي ويو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) قومي احتساب بيورو ( نيب ) ترميمي ايڪٽ تحت اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني کي به رليف ملي ويو آهي.

اسلام آباد جي احتساب عدالت يوسف رضا گيلاني خلاف يو ايس ايف فنڊز ۾ ڪرپشن ريفرنس نيب ڏانهن واپس موڪلي ڇڏيو آهي.

احتساب عدالت جي جج اعظم خان ريفرنس نيب ڏانهن واپس موڪليندي چيو آهي ته هاڻي اهو ريفرنس احتساب عدالت جي اختيارين واري دائري ۾ نٿو اچي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.