ملڪي مٽا سٽا ناڻي جا ذخيرا گهٽجي ويا

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ملڪي مٽا سٽا ناڻي جا ذخيرا 9 سٽپمبر تي ختم ٿيندڙ ڪاروباري هفتي دوران 15ڪروڙ 61 لک ڊالر گهٽجي ويا آهن.

اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب مٽا سٽا ناڻي جا ذخيرا 15 ڪروڙ  61 ڊالر مان گهٽجي 14 ارب 31 ڪروڙ ڊالر رهيا.

اسٽيٽ بئنڪ جا ذخيرا 17.59 ڊالر گهٽجي 8.62 ارب ڊالر ٿي ويا آهن جڏهن ته ڪمرشل بئنڪن جا ذخيرا 1.98 ڪروڙ ڊالر وڌي 5.69 ارب ڊالر تي اچي ويا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.