”سياستدان فوج جي معاملن ۾ مداخلت کان پاسو ڪن“

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) ق ليگ جي سربراهه چوڌري شجاعت حسين چيو آهي ته سياستدانن کي فوج جي معاملن مداخلت کان پاسو ڪرڻ گهرجي.

چوڌري شجاعت حسين جو چوڻ آهي ته مناسب هجي يا غير مناسب سياستدانن کي فوج جي معاملن ۾ مداخلت نه ڪرڻ کپي، سياستدان فوج کي سياسي مونجهاري ۾ نه وجهن.

هن چيو ته ائين ڪرڻ سان اسان جي ملڪي مفادن کي نقصان رسڻ جو خطرو هوندو آهي، جنهن جو فائدو پاڪستان دشمن ڌريون کڻي سگهن ٿيون، هاڻي ته ٽي وي ڊرامن ۾ به فوجي ڪمانڊرز جا نالا کنيا پيا وڃن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.