روئيندڙ ٻار کي پرچائڻ جو سولو طريقو ڄاڻي وٺو

والدين لاءِ ننڍن ٻارڙن کي پرچائڻ جو سولو طريقو ڄاڻي وٺو.

ماهرن آسان طريقو ٻڌايو آهي جنهن ۾ نه صرف روئيندڙ ٻار کي پرچائي سگهبو پر انهن کي ننڊ به ڪرائي سگهبي.

جاپاني ماهرن دريافت ڪيو آهي ته جيئن ٻار روئي رهيو هجي ته کيس هنج ۾ کڻي پنج منٽ تائين پنڌ ڪيو ۽ پوءِ اٺ منٽ تائين ان کي ڪنڌ تي کڻي ويهي رهو، ان سان تيرنهن منٽن ۾ ننڊ ڪري ڇڏيندو.

تحقيق ۾ روئيندڙ ٻارن کي پرچائڻ بابت تحقيق ڪئي وئي جنهن ۾ اي سي جي مشين ۽ ڪيمرائن جوا ستعمال ڪري مختلف طريقن جي اثرن جو جائزو ورتو ويو.

تحقيق ۾ ايڪويهه امڙين نون ڄاولن ٻارن کي پرسڪون ننڊ ڪرائڻ لاءِ مختلف طريقن کي آزمايو.

ماهرن ڳولي ورتو ته پنج منٽ ٻارن کي کڻي گهمائڻ سان ٻارن کي ننڊ ڪرائڻ سولائي ٿيندي خاص ڪري جڏهن ٻارڙا روئيندا هجن جڏهن ته پرسڪون ٻارن کي ان طريقيڪار سان فائدو ناهي ٿيندو.

ماهرن موجب پنج منٽ جي اچ وڃ سان روئيندڙ ٻار چپ ٿي ويندا آهن ڇاڪاڻ ته سندن دل جي ڌڙڪن جي رفتار سست ٿي ويندي آهي جنهن کانپوءِ ڪجهه دير ۾ سمهي پوندا آهن.

هنن ٻڌايو ته ٻار سمهي پون تڏهن به ٻار کي ڪنڌ سان لڳائي رکڻ گهرجي ۽ ڪجهه دير بعد انهن کي بستري تي سمهارڻ گهرجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.