خورشيد شاهه آرمي چيف جي مقرري بابت تجويز ڏئي ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وفاقي وزير ۽ پ پ اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيف آف آرمي اسٽاف جي مقرري سينارٽي بنياد تي ڪرڻ جي تجويز ڏيندي چيو آهي ته هن وقت سپريم ڪورٽ ۾ سينارٽي جي بنياد تي مقررين جو مثال سڀني جي سامهون آهي.

هڪ انٽرويو ۾ هن چيو آهي ته عمران خان خلاف جيڪي ڪيس هلي رهيا آهن انهن تي سوديبازي نه ٿيندي پر قانون تحت فيصلو ٿيندو، ڪير ڪيترو به طاقتور ڇو نه هجي فيصلو قانون ۽ آئين موجب ٿيڻ گهرجي.

هن وڌيڪ چيو ته عمران خان اسلام آباد بند ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي رهيو آهي ته ڏسڻو پوندو ته عمران خان ڌمڪي ڏئي فيصلو پنهنجي حق ۾ ڪرائي سگهي ٿو يا نه.

هن چيو ته قانون ۽ آئين تحت ڪير ڪيترو به طاقتور ڇو نه هجي اسان ان کي منهن ڏيڻ ڄاڻيون ٿا، اسان آئين ۽ قانون جي حڪمراني جي ڳالهه ڪرڻ وارا ماڻهو اهيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.