شاهين سان مبينا خراب ورتاءُ، شاهد آفريدي پي سي بي تي ڪڙڪي پيو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي چيو آهي ته پي سي بي شاهين شاهه لاءِ ڪجهه ناهي ڪيو ۽ هو پنهنجي خرچ تي لنڊن ۾ موجود آهي.

شاهد آفريدي چيو ته پي سي بي شاهين لاءِ لنڊن ۾ ڊاڪٽر جو بندوبست نه ڪيو ويو ۽ هو پنهنجي ري هيب جو خرچ پاڻ برداشت ڪري رهيو آهي.

اڳوڻي ڪپتان چيو ته ميچ سدائين مٿان کان کٽيا ويندا آهن انڪري محمد رضوان ۽ بابر اعظم تي سڀ کان وڌيڪ ذميواري لاڳو ٿئي ٿي.

شاهد آفريدي چيو ته خوشدل جنهن نمبر تي کيڏندو آهي کيس اهو ئي نمبر ملي پيو پر هو گهربل رزلٽ ناهي ڏئي سگهيو، سندس متبادل اعظم خان آهي پر سندس انجري جو مسئلو آهي، اسان وٽ علائقائي ڪرڪيٽ ۾ رانديگر ئي ناهن.

شعيب ملڪ بابت ڳالهائيندي شاهد آفريدي چيو ته هو هڪ ذميوار رانديگر آهي، افتخار جي ڪارڪردگي ناهي ڏيکاري جيڪا ان نمبر تي هئڻ گهرجي ها، شعيب ملڪ ان نمبر لاءِ بهترين رانديگر هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.