انگلش ڪپتان ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ اهم بيان ڏئي ڇڏيو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سترنهن ورهين بعد پاڪستان جي دوري تي آيل انگلش ٽيم جي ڪپتان جوز بٽلر چيو آهي ته سيريز سان عالمي ڪپ جي تيارين جو سٺو موقعو ملندو.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بٽلر چيو ته ست ميچن جي سيريز چئلينج کان گهٽ ناهي، يقين آهي ته اها ڏاڍي ٽف سيريز ثابت ٿيندي، پاڪستان سپر ليگ ۾ اسان جي رانديگرن کي شوقين کيڏيندي ڏسي چڪا آهن، پاڪستان اهڙو ملڪ آهي جيڪو فاسٽ بالر پيدا ڪري رهيو آهي.

انگلش ڪپتان برطانوي راڻي اليزبيٿ ٻئين جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو ۽ پاڪستان ۾ ٻوڏ سٽيلن جي حوالي سان چيو ته ڪوشش آهي ته پنهنجي ڪرڪيٽ ذريعي ٻوڏ متاثرن کي خوشي ڏيون، انگلش بورڊ پڻ ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪندو.

جوز بٽلر جو چوڻ هو ته هر رانديگر پنهنجو ورڪ لوڊ مئنيج ڪرڻو پوندو، مان ڪڏهن به پاڪستان ۾ ناهيان کيڏيو پاڪستان جي ڪنڊيشنز بابت ڄاڻ ناهي، جيڪي رانديگر پي ايس ايل ۾ کيڏيا آهن انهن جي تجربي مان فائدو حاصل ڪنداسين

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.