ماسڪ مان جان ڇٽڻ واري، عالمي اداري وڏو اعلان ڪري ڇڏيو

عالمي صحت جي اداري (ڊبليو ايچ او) چيو آهي ته ڪووڊ 19 جي وبا جو خاتمو نظر اچي رهيو آهي.

عالمي اداري اها ڳالهه ان وقت ڪئي جڏهن دنيا ۾ ڪووڊ سان ٿيندڙ هفتي ۾ موت جو انگ مارچ ٻه هزار ويهه ۾ سڀ کان گهٽ سطح تي پهتو.

پنج سيپٽمبر 2022 جي هفتي ۾ دنيا ۾ يارنهن هزار هڪ سو ارڙهن ماڻهو ڪووڊ سبب لاڏاڻو ڪري ويا.

عالمي صحت واري اداري جي ڊائريڪٽر جنرل ٽيڊروس اڌانوم گذريل هفتي هڪ پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته ڪووڊ 19 ۾ ٿيندڙ موت گھٽ ٿيا آهن.

هن چيو ته ان کان پهريون ڪڏهن ڪووڊ جي وبا جي خاتمي بابت اسان جي پوزيشن ايتري بهتر نه هئي، اڃا خاتمي جي ويجهو ته ناهيون پهتا پر امڪان نظر اچي ٿو ته ڪووڊ جو خاتمو ٿئي.

هن وڌيڪ چيو ته تازو ڪووڊ 19 جو خاتمو نظر اچي ٿو ۽ پوزيشن به سٺي آهي پر ڪم جاري رکڻ گهرجي.

ڊاڪٽر ٽيڊروس اڌانوم چيو آهي ته جيئن ان موقعي مان فائدو حاصل نه ڪيو ته وائرس جي ٻين قسمن، وڌيڪ موت ۽ مشڪل صورتحال کي منهن ڏيڻو پئجي سگهجي ٿو، تڏهن ان موقعي مان فائدو حاصل ڪرڻ گهرجي

ڊبليو ايچ او پاران وائرس بابت ڇهه پاليسي پيپرز جاري ڪيا ويا آهن

ڊاڪٽر ٽيڊروس اڌانوم چيو آهي ته پاليسي پيپرز دنيا ۾ حڪومتن لاءِ آهي ته جيئن پنهنجي پاليسين کي مضبوط بڻائي سگهن.

هنن ملڪن تي زور ڏنو آهي ته وڌيڪ خطرن جو شڪار گروپس کي سو سيڪڙو ويڪسينيشن ڪرائي وڃي ۽ ٽيسٽنگ کي يقيني بڻايو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.