ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ اسڪواڊ جي اعلان تي محمد عامر جو ردعمل سامهون اچي ويو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر محمد عامر ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ لاءِ چونڊيل ٽيم واري خبر تي پنهنجي ردعمل جو اظهار ڪيو آهي.

چيف سليڪٽر محمد وسيم اڄ  ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ ۽ انگلينڊ خلاف سيريز لاءِ ٽيم جو اعلان ڪيو.

اهڙي اعلان بعد فاسٽ بالر محمد عامر ٽوئيٽر پنهنجي ردعمل جو اظهار ڪيو.

پنهنجي ٽوئيٽ ۾ محمد عامر لکيو ته ” چيف سليڪٽر جي چيپ سليڪشن “

واضح رهي ته محمد عامر ڊگهي عرصي کان قومي ٽيم مان ٻاهر آهي، 2019ع واري عالمي ڪپ ۾ هو ٽيم جو حصو هيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.