اسان جو صبر گهڻي دير نه رهندو: عمران خان وڏي ڌمڪي ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته جيئن اسان کي ڀت سان لڳايو پيو وڃي اسان جو صبر وڌيڪ دير نه رهندو.

پنهنجي خطاب ۾ عمران خان چيو ته پاڪستان جي معيشت هن وقت تباهه آهي، آءِ ايم ايف پروگرام باوجود رپيو ڪِري رهيو آهي، موجوده حڪومت وٽ معيشت ٺيڪ ڪرڻ جو ڪو پلان ناهي، اهي رڳو پئسو گهري رهيا آهن، پاڪستان کي بچائڻو آهي ته جلد کان جلد شفاف چونڊون ڪرايون وڃن، چونڊن ۾ دير سان ملڪ کي نقصان ٿيندو.

هن چيو ته سياسي استحڪام بنا معيشت ٺيڪ نٿي ٿي سگهي، ٻوڏ جو بهانو بڻائي چونڊون ملتوي ڪيون ويون، موجوده حڪومت جي ساک پاڪستان ۾ آهي نه ئي ٻاهر، پي ٽي آءِ اڪيلي سياسي جماعت آهي، جيڪا ملڪ کي گڏ رکي سگهي ٿي.

سندس چوڻ هو ته وڏا وڏا ڏوهاري اهم عهدن تي ويٺا آهن، 60 سيڪڙو ڪابينا ضمانت تي آهي، اهي ملڪ جو سوچڻ  بدران پنهنجا ڪرپشن ڪيس ختم ڪرائڻ ۾ لڳل آهن، طاقتور ماڻهو اسان خلاف سازش کي روڪي پئي سگهيا، مان کين سمجهايو ته اسان وڏي ڏکيائين سان معيشت کي سنڀاليو آهي، جيڪڏهن ڪا به سازش ڪامياب ٿي ته اهي ملڪ نه سنڀالي سگهندا.

عمران خان چيو ته اسان تي ڪيسن جو مينهن وسي رهيو آهي، اسان جي ماڻهن کي دٻايو پيو وڃي، اهو ئي ٿيندو رهيو ته ملڪ ۾ ڪير به ڏڦيڙ کي نه روڪي سگهندو، جيئن اسان کي ڀت سان لڳايو پيو وڃي اسان جو صبر گهڻي دير نه رهندو، جيڪڏهن هي ملڪ کي ائين ئي پوئتي ڌڪيندا ويندا ته عوام کي هڪ ئي سڏ ڏيڻو پوندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.