وحشي جوابدارن ٻن ڀينرن کي ريپ بعد وڻن ۾ ٽنگي ڇڏيو

ڀارتي رياست اتر پرديش ۾ ٻن نينگرين کي زيادتي جو نشانو بڻائي قتل ڪرڻ کانپوءِ لاشن کي وڻن سان ٽنگيو ويو آهي

پرڏيهي ميڊيا موجب پوليس جو چوڻ آهي ته اهو واقعو اتر پرديش جي ضلعي لکيم پور ۾ پيش آيو جتي ٻن ڀينرن کي زيادتي جو نشانو بڻائي قتل ڪيو ويو ۽ لاشن کي وڻن سان ٽنگي ڇڏيو، زيادتي بعد قتل ٿيڻ وارين ڀينرن جي عمر پندرنهن ۽ سترنهن وريهه هئي

پوليس موجب ڇوڪرين جي وارثن الزام هنيو آهي ته ٻنهي ننڍي عمر جي ڀينرن کي کنڀي هوس جو نشانو بڻايو ويو آهي، پوليس ان ڪيس بابت جاچ جي شروعات ڪري ڇڏي آهي

پوليس موجب وڌيڪ ڪارروائي لاءِ ٻنهي ڀينرن جون لاشون پوسٽ مارٽم لاءِ موڪليون آهن ۽ جاچ لاءِ ڇهن جوابدارن کي گرفتار پڻ ڪيو آهي

زيادتي جي واقعي بعد مقامي ماڻهن ۽ اپوزيشن جماعتن احتجاج رڪارڊ ڪيو ۽ مظاهرين نينگرين کي زيادتي جو نشانو بڻائيندڙ وحشي ڏوهارين کي ڦاهي جي سزا جو مطالبو ڪيو آهي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.