ڪراچي ميڊيسن مارڪيٽ ۾ ڇاپو، بخار جون لڪايل لکين گوريون هٿ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان (ڊريپ) ڪراچي ميڊيسن مارڪيٽ ۾ ڇاپو هڻي بخار جون اڍائي لک کان وڌيڪ گوريون هٿ ڪري ورتيون.

صحت واري وزارت جي ترجمان موجب ذخيرو ڪري مارڪيٽ ۾ بخار جي گورين جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪئي وئي، سنڌ جي ڊرگ انسپيڪٽرز لاهور مان ايندڙ جعلي دوائن جي کيپ پڪڙي ورتي.

صحت واري وزارت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته انهن دوائن ۾ حياتي بچائيندڙ اينٽي بائيوٽڪ دوائون به شامل آهن.

واضح رهي ته پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس قيصر رشيد خان ڊريپ اختيارين کي ٽن هفتن تائين مارڪيٽ ۾ بخار جي گورين جي فراهمي يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏنو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.