ڪڻڪ ايڏي مهانگي جو 75 سالن جو رڪارڊ ٽٽي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ ڪڻڪ جي اگهه 75 سالن جا رڪارڊ ٽوري ڇڏيا.

14 سيپٽمبر 2022 تي اوپن مارڪيٽ ۾ اسلام آباد ۽ راولپنڊي سميت سڄي ملڪ ۾ ڪڻڪ مهانگي ٿي وئي آهي.

ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو جاڙن شهرن ۾ ڪڻڪ جو اگهه 3560 رپين مان وڌي 3600 رپيا في 40 ڪلوگرام تائين پهچي ويو آهي.

جيڪڏهن حڪومت سرڪاري ڪوٽا ۾ فوري واڌ نه ڪئي ته اوپن مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ مافيا پنهنجي غيرقانوني ذخيرن جا اگهه وڌائي ڇڏيندي.

مارڪيٽ ۾ 3600 رپيا في 40 ڪلوگرام تائين ڪڻڪ جي اگهه جي نتيجي ۾ 200 کان وڌيڪ فلور ملز 15 ڪلو اٽي جي ٻوري جو اگهه 1600 رپين تائين ڪري ڇڏيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.