ڪينگرو حملو ڪري پنهنجي مالڪ کي موت جي ننڊ سمهاري ڇڏيو

پرٿ ( ويب ڊيسڪ ) آسٽريليا ۾ هڪ ڪينگرو حملو ڪري پنهنجي مالڪ کي موت جي ننڊ سمهاري ڇڏيو.

پرڏيهي خابرو اداري موجب آسٽريليا جي شهر پرٿ ۾ حملي سبب حياتي وڃائيندڙ همراهه ڪينگرو کي گهر ۾ پاليو هو.

پوليس موجب واقعي جو اطلاع مارجي ويل شخص جي مائٽن ڏنو.

اطلاع ملندي ئي پوليس سان گڏ طبي عملو پڻ واقعي واري هنڌ پهتو پر ڪينگروز طبي عملي تي پڻ حملو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ پوليس کيس گولي هڻي ماري ڇڏيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.