روسي صدر تي قاتلاڻو حملو، ذري گهٽ بچي ويو

ماسڪو ( ويب ڊيسڪ ) روسي صدر والاديمير پيوٽن امڪاني قاتلاني حملي کان ذري گهٽ بچي ويو.

پرڏيهي خابرو اداري موجب والاديمير پيوٽن تي قاتلاڻي حملي واري خبر جنرل ايس وي آرٽيلي گرام چئنل طرفان ڏني وئي، پر اهو واضح ناهي ڪيو ويو ته مٿس ڪهڙي وقت حملو ٿيو.

رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته روسي صدر جي ليموزين گاڏي جي کاٻي پاسي جو اڳيون ٽائر زورائتي ڌماڪي سان ڦاٽي پيو پر روسي صدر محفوط رهيو.

عالمي ميڊيا کي ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب روسي صدر جي گاڏي تي حملو ڪيو ويو آهي پر سرڪاري سطح تي ان جي تصديق ناهي ٿي سگهي.

پرڏيهي ميديا جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته واقعي ۾ صدر والاديمير پيوٽن محفوظ رهيو جڏهن ته واقعي ڪيترن ئي شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.