کنڊ هڪ زهر، دل جي بيمارين سميت خطرناڪ نقصان

ڇا کنڊ جو انسان جي لاءِ زهر آهي؟ ان جو دارومدار ان ڳالهه تي آهي ته ماڻهو روز جي بنيادن تي پنهنجي جسم ۾ ڪيتري کڻد کي جذب ڪري سگهي ٿو يا انسان جو جسم ڪيتري کنڊ هضم ڪري سگهي ٿو.

ان حوالي سان صحت جي عالمي اداري روز پنجويهه گرام کنڊ کي صحت جي لاءِ درست مقدار قرار ڏنو آهي ان جي باوجود به هر پاڪستاني روز جي بنيادن تي لڳ ڀڳ ٻاهٺ گرام اهو مٺو زهر پنهنجي جسم جو حصو بڻائيندو آهي. پر ڇا توهان کي خبر آهي ته کنڊ جي گهڻي مقدار کي اسان جو جسم ڪهڙي انوکي طريقي سان گڏ ڪندو آهي؟ جيڪڏهن نه ته ڄاڻي وٺو، ڇو جو انکان بنا مٺاڻ کان پرهيز به توهان کي نقصان ڏئي سگهي ٿي.

کنڊ جسم کي شگر جي مرض جو شڪار بڻائيندي آهي.

صحت بابت هڪ تحقيق موجب کنڊ جي استعمال سان جيڪڏهن ڪير روز جي بنيادن تي سئو کان مٿي ڪيلوريز حاصل ڪري ته ان ۾ شگر مطلب ته ذيابطيس جو خطرو هڪ-هڪ سيڪڙو وڌي ويندو آهي.

کنڊ دل کي تباهه ڪندي آهي

جيڪڏهن توهان رڳو ذيابطيس جي خوف کان کنڊ کان پرهيز ڪيو ته حقيقت ۾ توهان دل جي به حفاظت ڪري رهيا آهيو. ڇو ته دل جي بيمارين ۽ ذيابطيس ۾ ڳانڍاپو موجود آهي. دل جي بيمارين، فالج ۽ ذيابطيس ٽائيپ ٽو جو شڪار جي ڪري فوت ٿيندڙ ماڻهن جو انگ سڀني کان وڌيڪ آهي.

کنڊ جسم جي عضون تي چرٻي چاڙهيندي آهي

کنڊ ۾ موجود مونوسڪيرائيڊ جُزُ جگر کي وڌيڪ چرٻي گڏ ڪرڻ تي مجبور ڪندو آهي ۽ وقت گذرڻ سان گڏوگڏ فيٽي ليور نالي بيماري ۾ مٽجي ويندو آهي.

کنڊ جي ڪري رت جي رڳن ۾ ڇِڪ

کنڊ جي استعمال سان رت جي وهڪري ۾ انسولين وڌي ويندي آهي. جنهن جو اثر جسم جي رت جي گردش واري نظام ۽ رڳن تي پوندو آهي. انسولين جي گهڻي مقدار سان مسلز سيلز جي گردش حد کان وڌيڪ وڌي ويندي آهي جنهن جي ڪري رڳن جي ڀتين جي ڇِڪ وڌي ويندي آهي ۽ هاءِ بلڊ پريشر ۾ مبتلا ڪرڻ کانپوءِ فالج يا دل جي دوري جا خطرا وڌي ويندا آهن.

ٽائيپ ٿري ذيابطيس جو خطرو

هڪ تحقيق دوران ٽائيپ ٿري ذيابطيس جي مهاورو استعمال ڪيو ويو آهي، جيڪو انسولين جي مزاحمت، گهڻي چرٻي واري خوراڪ ۽ الزائمر جي وچ ۾ ڳانڍاپو ٺاهيندي آهي. حقيقت ۾ الزائمر جو شڪار ماڻهو هاضمي جي نظام جي مرض جو نالو آهي جنهن سان ان جي دماغ جو گلوڪوز ۽ توانائي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت کي نقصان پهچائيندو آهي. مطلب ته انکي دماغي ذيابطيس به چئبو آهي.

کنڊ جو استعمال توهان جي بُک وڌائيندو آهي

کنڊ توهان جي جسم ۾ بک جو احساس وڌائيندي آهي، گهڻي کنڊ کائڻ سان دماغ جي پيٽ ڀرڻ واري صلاحيت متاثر ٿيندي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ انسان کي هر وقت بک لڳڻ جو احساس ٿيندو رهندو آهي ڀلي جو توهان حد کان وڌيڪ ڇو نه کائي ويا هجو.

کنڊ توانائي کان محروم ڪندي آهي

ڇا توهان کي ڪڏهن به اهو احساس ٿيو آهي ته چاڪليٽ بار کائڻ کانپوءِ توهان جي جسم ۾ توانائي جي لهر ڇائنجي ويندي آهي ۽ پوءِ وري توهان تڪڙو ئي ٿڪاوٽ محسوس ڪرڻ لڳندا آهيو.

حقيقت ۾ کنڊ کي کائڻ کانپوءِ جسم وڌيڪ کنڊ پهچائڻ جو مطالبو ڪندو آهي ۽ اها سائيڪل هلندي رهندي آهي. جنهن جي نتيجي ۾ جيستائين توهان ڪجهه مٺاڻ نه کائو تيستائين توهان کي جسم جي توانائي ۾ کوٽ محسوس ٿيندي رهندي آهي.

کنڊ ڪوليسٽرول جو سبب بڻبي آهي

کنڊ ۽ ڪوليسٽرول دوران لاڳاپو موجود آهي. هڪ تحقيق موجب جيڪي ماڻهو گهڻي کنڊ استعمال ڪندا آهن انهن ۾ ذيابطيس ۽ ٿولهه سان گڏوگڏ ڪوليسٽرول جو مقدار به وڌي ويندو آهي. جيڪو جسم جي لاءِ نقصانڪار هوندو آهي، جڏهن ته اها رت ۾ خطرناڪ چرٻي کي وڌائيندي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.