ورات ڪوهلي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ کانپوءِ رٽائر ٿي ويندو

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) هڪ ڏهاڪي کان وڌيڪ عرصي تائين پنهنجي بيٽنگ ذريعي دنيا جي بالرن جو ننڍون حرام ڪندڙ اسٽار ڀارتي بيٽر ورات ڪوهلي بابت هونئن تي ڪيئي خبرون گردش ڪنديون رهنديون آهن.

پر هاڻ پاڪستان جي اڳوڻي اسپيڊ اسٽار شعيب اختر دعويٰ ڪئي آهي ته ڀارت جو اسٽار بيٽر ورات ڪوهلي ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ کانپوءِ مختصر فارميٽ واري ڪرڪيٽ تان رٽائر ٿي ويندو.

پنڊي ايڪسپريس ڀارتي ميڊيا سان ڳالهائيندي دعويٰ ڪئي ته ورات ڪوهلي شايد ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ بعد مختصر فارميٽ جي ڪرڪيٽ تان رٽائر ٿي ويندو.

شعيب اختر وڌيڪ چيو ته ٽيسٽ ۽ ون ڊي ڪرڪيٽ تي مڪمل توجهه ڏيڻ لاءِ ورات ڪوهلي ٽي ٽوئنٽي فارميٽ تان رٽائر ٿي سگهي ٿو ۽ جيڪڏهن مان سندس جاءِ ته هجان ته اهو فيصلو ڪيان ها.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.