ڪرڪيٽ ميچ دوران افغانين جي بدتميزي، پاڪستان حڪومت وڏو قدم کڻي ورتو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سرحد پار کان حملن ۽ ڪرڪيٽ ميچ دوران بدتميزي ۽ مارڪٽ جي واقعن جو معاملو افغان حڪومت سان اٿاري ڇڏيو0.

پرڏيهي کاتي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته سرحد پار کان ٿيندڙ حملي ۾ 3 جوانن جي شهادت جو معاملو افغان حڪومت سان اٿاريو ويو آهي، اسان واضح ڪيو آهي ته افغان انتظاميا اهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ قدم کڻي.

ترجمان موجب پاڪستان گڏيل عرب امارتن ۾ ڪرڪيٽ ميچ دوران بدتميزي ۽ مارڪٽ جي واقعن تي به افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ٻنهي ڀائر ملڪن جي دوست عوام وچ ۾ اهڙن واقعن جي گنجائش ناهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.