اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاران شهباز گِل کي آزاد ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ادارن خلاف ڀڙڪائڻ واري ڪيس ۾ گرفتار پي ٽي آءِ اڳواڻ شهباز گِل کي ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.

ٻڌڻي دوران اسپيل پراسيڪيوٽر رضوان عباسي چيو ته شهباز گِل هڪ خانگي ٽي وي چئنل تي ادارن خلاف ڳالهايون هو، اهو چئنل ملڪ جو هر ٻيو شهري ڏسي رهيو هو، آرمڊ فورسز  ۾ پڻ اهو چئنل ڏٺو ويندو آهي، اها ڳالهه بغاوت تي ڀڙڪائڻ جو الزام ثابت ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي.

چيف جسٽس اطهر من الله پڇاڻو ڪيوته شهباز گِل جيڪڏهن ڪنهن هڪ به بغاوت ڪرڻ جو چيو آهي ته ٻڌايو؟

اسپيشل پراسيڪيوٽر چيو ته شهباز گِل ڪنهن هڪ کي نه، پنهنجي بيان ۾ سڀني کي بغاوت تي ڀڙڪايو.

چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اطهر من الله ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد شهباز گِل کي ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پنج لک رپُين جي مچلڪن عوض شهباز گِل کي آزاد ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.