ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ لاءِ پاڪستان ٽيم جو اعلان، ڪير ڪير شامل آهي؟

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) ايندڙ مهيني آسٽريليا ۾ رٿيل ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ لاءِ پاڪستان اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

چيف سليڪٽر محمد وسيم لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ٽيم جو اعلان ڪيو.

قومي اسڪواڊ لاءِ پندرنهن رڪني ٽيم جو اعلان ڪيو ويو آهي،  ميگا ايونٽ لاءِ 3 رانديگرن کي ريزرو طور رکيو ويو،  اوپنر شان مسعود جي ٽيم ۾ واپسي ٿي آهي.

ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ لاءِ اعلانيل پندرنهن رڪني اسڪواڊ ۾ ڪپتان بابر اعظم، شاداب خان، آصف علي، حيدرعلي، حارث رئوف، افتخار احمد، خوشدل شاهه، محمد حسنين، محمد نواز ، محمد رضوان، محمد وسيم، نسيم شاهه، شاهين شاهه، شان مسعود ۽ عثمان قادر شامل آهن.

اهڙي ريت فخر زمان،  محمد حارث ۽ شاهنواز ڏاهاڻي اسٽيڊ باءِ طور رکيو ويو آهي يعني جيڪڏهن ڪو رانديگر ان فٽ ٿيو ته سندن جڳهه تي موقعو ڏنو ويندو.

چيف سليڪٽر محمد وسيم پريس ڪانفرنس دوران انگلينڊ خلاف پڻ ٽيم جو اعلان ڪندي ٻڌايو ته فخر زمان ۽ شاهين آفريدي کانسواءِ  ورلڊ ڪپ لاءِ اعلانيل سمورا رانديگر انگلينڊ خلاف سيريز ۾ پڻ ٽيم جو حصو هوندا.

فخر زمان گوڏي ۾ تڪليف سبب انگلينڊ خلاف سيريز ۾ حصو نه وٺي سگهندو.

آل رائونڊر آصف جمال ۽ اسپنر ابرار احمد پڻ انگلينڊ خلاف ست ٽي ٽوئنٽي ميچن لاءِ اسڪواڊ ۾ شامل آهن.

واضح رهي ته ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ 16 آڪٽوبر کان 13 نومبر تائين آسٽريليا ۾ کيڏيو وينديو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.