فواد ۽ مراد سعيد جي گرفتاريءَ  جو امڪان

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پي ٽي آءِ جي سينيٽر ۽ عمران خان جي ويجهي ساٿي ۽ مائٽ  سينيٽر سيف الله نيازي جي گهر تي ڇاپي دوران هٿ ڪيل ليپ ٽاپ، موبائيل ۽ دستاويزن مان جاچ ڪندڙن کي ڪافي اهم ڄاڻ ملي آهي، جڏهن ته فواد چوڌري ۽  مراد سعيد جي گرفتاريءَ  جا امڪان وڌي ويا آهن.

نامياري صحافي معظم فخر ذريعن جي حوالي سان ڄاڻايو آهي ته حڪومت سيڪيورٽي  ادارن ذريعي عمران خان کي اڪيلو ڪرڻ جو عمل شروع ڪيو آهي، اهو عمران خان کي پيغام  به آهي ته سندس ويجهن ساٿين جي گرفتاريءَ  کانپوءِ سندس گرفتاري ٿيڻي آهي، ڇو ته سينيٽر سيف نيازي جي ليپ ٽاپ مان ” نامظور ڊاٽ ڪام“ جي به ڄاڻ ملي آهي، جيڪا ويب سائيٽ پاڪستان ۾ نه ٿي کلي صرف پرڏيهه ۾ کلي سگهي ٿي، جنهن ذريعي رقم گڏ ڪئي ويندي آهي.

ان ويب سائيٽ تي عمران خان جي وڊيو به موجود آهي، جنهن ۾ هو پرڏيهي پاڪستانين کي چندو ڏيڻ جي اپيل ڪري رهيو آهي ۽ چئي ر هيو آهي ته امپورٽيڊ حڪومت خلاف جدوجهد  هلائي رهيا آهيون جلسا به ڪري رهيا آهيون جنهن لاءِ پئسن  جي ضرورت آهي، ان ويب سائيٽ جي نگراني سينيٽر سيف نيازي ڪري رهيو هو، جڏهن ته فوج خلاف غليظ مهم هلائيندڙ 3 سوشل ميڊيا ورڪر  حويليان، بٽ گرام ۽ هريپور مان جڏهن ته لاهور مان 3 ڪراچي، اسلام آباد ۽  ڊيرا غازي خان مان به 5 گرفتار ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ايف آءِ اي جي سائيبر ڪرائيم ونگ هڪ ميجر (ر) جي گرفتاريءَ  جي به اجازت گهري ورتي آهي.

نوٽ: هي تبصرو روزاني عوامي آواز خميس 2022-09-15 تي شائع ٿيو 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.