عمران جي ٽيلي ٿون ۾ جمائمه  جو امداد جمع ڪرائڻ کان انڪار

لاهور (ويب ڊيسڪ )  عمران خان جي اڳوڻي  گهر واري جمائمه اسمٿ پاڪستان جي ٻوڏ ۽ برسات متاثرن جي مدد لاءِ پنهنجي دوست سان گڏجي امداد گڏ ڪئي.

نامياري صحافي رضوان رضي پنهنجي وي لاگ ۾ صحافي اظهر سيد  جي ٽوئيٽ جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ته جمائمه جي دوست ضرور کيس تجويز ڏني هوندي ته گڏ ڪيل رقم عمران خان جي ٽيلي  ٿون ۾ جمع ڪرائي وڃي پر جمائمه صاف انڪار ڪندي گڏ ڪيل رقم پاڪستاني رپين مطابق اٽڪل 15 لک رپيا پاڪستان حڪومت جي اڪائونٽ ۾ اماڻي ڇڏيا آهن.

اها ڳالهه ان ڪري وڏي آهي ڇو ته جمائمه اصل ۾ عمران خان جي گهر واري رهي چڪي آهي ٻن ٻارن جي ماءُ  آهي پر ان کي عمران خان تي اعتبار نه آهي ته اهو به هڪ ثبوت آهي ته عمران خان ڪيترو صادق امين ۽ ايماندار آهي.

نوٽ: هي تبصرو روزاني عوامي آواز خميس 2022-09-15 تي شائع ٿيو 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.