سيوهڻ لڳ برسات متاثر پاڻي ۾ ٻڏي فوت

سيوهڻ(ن ع آ)يونين ڪائونسل بوبڪ جي ڳوٺ  سهتا سيئنچ جو رهواسي شمن ڏيٿو ٻوڏ جي پاڻي ۾  ٻڏي فوت ٿي ويو آهي, فوتي جو لاش ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪڍي سيوھڻ اسپتال پھچايو, جتي فوتي جي وارثن ٻڌايو ڪالھ  شام  کان اسان جو همراھ گم هو  اسان ريسڪيو ٽيم کي اطلاع ڪيوسين انهن چيو اسان جو اهو ڪم ناهي جنهن بعد اسان اسسٽنٽ ڪمشنر سان رابطي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان  اسان جي ڪال ئي رسيو  نه ڪئي جنهن بعد اسان پنهنجي مدد پاڻ تحت ٻيڙي گهرائي لاش ڳولي پاڻي مان ڪڍيو ۽ اسپتال اسان کڻائي آياسين پر بي حس انتظاميه اسان کي ٻيو رليف ته نه ڏنو آهي پر اسان جا ماڻهون ٻڏي مرن ٿا انهن کي ڪڍيو به نٿو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.